SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


نئين اقتصادي نيتي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


نئين اقتصادي نيتي

NEP New Economic Policy

نيو ايڪنامڪ پاليسي

21- مارچ 1921ع ۾ سوويت ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڏهين ڪانگريس آڏو اشتراڪي انقلاب جي باني ’ولاديميرلينن‘ هيءَ پاليسي متعارف ڪرائي. هن پروگرام ۾ ڪميونزم جي سخت ۽ جامد اقتصادي منصوبا بنديءَ ۾ تبديلي ۽ نرمي ڪندي، اولهه جي سرمايه ڪارن ڏانهن ٿڌو رويو اختيار ڪيو ويو. لينن جو خيال هو ته انهيءَ پاليسيءَ جي ڪري، ڪميونزم کي مغربي سرمايه دارن کان ڪاروبار ۽ صنعت گيريءَ جا معاملا سکڻ جو موقعو ملندو ۽ نتيجي ۾ روس جي ڪميونسٽ معيشيت سگهاري بڻجي ويندي. هن پاليسيءَ هيٺ انقلاب کان پوءِ 1917ع ۾ ختم ڪيل بئنڪاري سرشتي کي ٻيهر فعال بڻايو ويو ۽ اندروني طور محدود پئماني تي نجي واپار ڪرڻ، نفعو ڪمائڻ ۽ ٻاهران مال گهُرائڻ جي اجازت ملي. هن پاليسيءَ جي ضرورت لينن تڏهن محسوس ڪئي، جڏهن هُن ڏٺو ته سندس پارٽيءَ طرفان جاري ڪيل سخت حُڪمن جي نتيجي ۾ عام ماڻهوءَ جي زندگي ڏُکي ٿي ويئي هئي، جنهن ڪري سوويت روس ۾ ڏُڪار، بدحالي، کاڌي پيتي جي شين جي اڻاٺ ۽ بيروزگاري وڌي وئي هئي. سندس خيال موجب اهڙي صورتحال ملڪ ۾ فساد کي جنم ڏيئي انقلاب کي ناڪام ڪري پئي سگهي. 1929ع ۾ اسٽالن جي ڏنل پنج ساله ترقياتي رٿا ۾ هن پاليسيءَ کي عملي طور ختم ڪيو ويو ۽ عام ماڻهوءَ تي جبري ذميواريون ۽ پورهيو لاڳو ڪرڻ واري نيتي اختيار ڪئي وئي.


Remember Me Also:

بسر و چشم

محاورو. مٿي ۽ اکين تي. خوشيءَ سان.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal